
ايشيا ڪپ جي مقابلن ۾ ٿورو وقت رهڻ باوجود ان جي جڳهه ۽ تاريخن جو تڪرار اڃا نبيرجي نھ سگهيو آهي، جڏهن تھ پي سي بي جي دبئي ۾ کيڏڻ واري تجويز جي ڀارت پاران مخالفت ڪرڻ بعد بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ پڻ ان جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب ڀارت جي انڪار بعد بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ بھ ان جي ئي ها ۾ ها ملائي ورتي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي تھ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ موقف اختيار ڪيو آهي تھ اسان کي پي سي بي جي هائبرڊ ماڊل تي اعتراض ناهي، پر يو اي اي يا دبئي ۾ شديد گرمي ٿئي ٿي، جيڪا صورتحال رانديگرن جي حق ۾ ناهي، تنهنڪري اهي پڻ يو اي اي ۾ نھ کيڏندا.