
پاڪستان جي ارسلان ايش اي اسپورٽس ۾ هڪ ٻيو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق آمريڪا ۾ منعقد ٿيندڙ ڪومبو بريڪر مقابلي ۾ پاڪستاني رانديگر ارسلان ايش ايونٽ جي چيمپيئن شپ پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي. ارسلان ايش هي اعزاز ماڻڻ بعد دنيا جي بهترين ٽيڪن پليئرس ۾ شامل ٿي ويو آهي، جنهن ڪيترائي ايونتس کٽيا آهن.