رانديون

ڀارت ۾ ايشين چيمپيئن شپ، پاڪستان هاڪي ٽيم ويزا لاءِ سرگرم

پاڪستان جي قومي هاڪي ٽيم ڀارت ۾ رٿيل ايشين چيمپيئن شپ ۾ شرڪت ڪرڻ جو فيصلو ڪندي ٽيم جي ويزا حاصل ڪرڻ جي حوالي سان ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان هاڪي فيڊريشن رانديگرن جي ويزا وٺڻ لاءِ آن لائن رجسٽريشن ڪرائي ڇڏي، جنهن بعد رجسٽريشن جو عمل مڪمل ٿيندي ئي ضروري دستاويزن سميت ويزا لاءِ باضابطا درخواستون پڻ جمع ڪرايون وينديون. پي ايڇ ايف اختيارين جو چوڻ آهي تھ اهم ايونٽ ۾ شرڪت نھ ڪرڻ سان نقصان ٿيندو، اين او سي جو بھ انتظار آهي، جنهن بعد تياري شروع ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button