رانديون

پي سي بي چيئرمين جي ڊوڙ ۾ پيپلز پارٽي ۽ نوازليگ آمهون سامهون

پي سي بي جو چيئرمين آڻڻ جي ڊوڙ ۾ حڪومتي اتحاد ۾ شامل ٻن مک پارٽين پيپلز پارٽي ۽ نوازليگ آمهون سامهون اچي ويون آهن ۽ ٻنهي ۾ اختلاف بھ ٻڌايا پيا وڃن. ميڊيا مطابق وزيراعظم شهباز شريف پاران مينيجمينٽ ڪاميٽي جي سربراهه نجم سيٺي سان ملاقات ڪرڻ ۽ کيس 21 جون تي مدو ختم ٿيڻ بعد پي سي بي چيئرمين طور مقرر ڪرڻ لاءِ نامزدگي ڏيڻ جي خاطري ڏيڻ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ کي سامهون آڻي ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ تھ پيپلز پارٽي پنهنجو اميدوار ذڪاءَ اشرف چيئرمين بڻائڻ لاءِ اميدوار طور سامهون آڻي ڇڏيو آهي. جڏهن تھ هن وقت حڪومتي اتحاد ۾ شامل ٻئي پارٽيون پيٽرن ان چيف وزيراعظم کان پنهنجو پنهنجو چيئرمين مقرر ڪرائڻ لاءِ بھ سرگرم آهن. پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ بين الصوبائي معاملن جي وفاقي وزير جنهن وٽ اسپورٽس جو پڻ قلمدان آهي، ان ميڊيا کي ٻڌايو تھ اسپورٽس جي وزارت پ پ وٽ آهي، پي سي بي چيئرمين آڻڻ اسان جو حق آهي ۽ اسان جو اميدوار ذڪاءَ اشرف هوندو. هوڏانهن نجم سيٺي جي حمايت ڪندڙ نواز ليگ جي اڳواڻن نالو ظاهر نھ ڪرڻ جو موقف اختيار ڪندي چيو آهي تھ نجم سيٺي پي سي بي چيئرمين ٿيڻ گهرجي، ڇوتھ هن اڳوڻي دور ۾ عالمي ڪرڪيٽ بحال ٿي ۽ هن وقت بھ ايشيا ڪپ سميت ڪرڪيٽ بابت سندس موقف چٽو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button