رانديون

فيفا ويمن ورلڊ ڪپ جون 10 لک ٽڪيٽون وڪامي ويون

فيفا جي ويمن فٽبال ورلڊ ڪپ جون 10 لک ٽڪيٽون وڪامي ويون آهن، جنهن فٽبال تنظيم جي اختيارين کي پڻ حيران ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي ميزباني ۾ ٿيندڙ فٽبال ويمن ورلڊ ڪپ جي ٽڪيٽن جي وڪري تي فيفا جي صدر جياني انفانٽينو ردعمل ڏيندي چيو آهي تھ ٽڪيٽن جي وڪري مان لڳي ٿو تھ ايونٽ ماضي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙيندو. هن چيو تھ محسوس ٿي رهيو آهي تھ ويمن فٽبال ۾ ماڻهن جي دلچسپي حيران ڪندڙ حد تائين وڌي رهي آهي. هن ايونٽ ۾ ڪل 32 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button