آسٽريليا 209 رنسن تان ڀارت کي شڪست ڏئي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جو نئون بادشاهه بڻجي ويو آهي. جڏهن تھ ڀارتي ٽيم بيٽنگ توڙي بالنگ ۾ ٻوٽو ٻاري نھ سگهي آهي. ميڊيا مطابق ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ آسٽريليا 209 رنسن تان ڀارت کي شڪست ڏئي چمپيئن شپ کٽي ورتي آهي، ان کان اڳ ڀارتي ٽيم ٻي اننگز ۾ آسٽريليا جي ڏنل 444 رنسن جي هدف آڏو کيڏندي 234 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي،
جنهن ۾ آسٽريلوي بالرن ليان ناٿن 4 ۽ اسڪاٽ بولينڊ 3 شڪار ڪري فتح ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي. جڏهن تھ ٻي اننگز ۾ ڀارتي بيٽرن مان ويرات ڪوهلي 49، اجنڪيا راهني 46 ۽ روهت شرما 43 رنسن سان نمايان رهيا، اهڙي ريت ٻھ بيٽر رويندر جديجا، شيردل ٺاڪر ٻڙي تي ويا ۽ ٻھ بيٽر اميش يادو ۽ محمد سراج هڪ، هڪ رنسن تي آئوٽ ٿي ويا. آسٽريليا پهرين اننگز ۾ 469 رنسون ڪيون، جنهن ۾ ٽريوس هيڊ 163 ۽ اسٽيو سمٿ 121 رنسن جي اننگز کيڏيا، ڪپتان ٻي اننگز 8 وڪيٽن تي 270 رنسن سان اننگز ڊڪليئر ڪري ڇڏي هئي،
جڏهن تھ سندن ٽريوس هيڊ کي 163 ۽ 18 رنسن تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو آهي. ياد رهي تھ ڀارت پهرين اننگز ۾ بھ 296 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي هئي، ٻنهي اننگز ۾ سندن ڪوبھ بيٽر سينچري اسڪور ڪرڻ ۾ ڪامياب نھ ٿيو آهي.