ڀارت کي اولمپڪس جي مقابلن ۾ سلور ميڊلز کٽائي ڏيندڙ ريلسر ونيش ڦوگهٽ ريسلنگ فيڊريشن خلاف ساڻس ۽ ٻين عورت ريسلر کي جنسي طور هراسمينٽ جو نشانو بڻائيندڙ ريسلنگ فيڊريشن جي سربراهه ۽ بي جي پي اڳواڻ برج ڀوشن شرن سنگهه خلاف جاچ جي رفتار کي انتهائي سست قرار ڏيندي شديد نموني سان مايوسي جو اظهار ڪيو آهي. ياد رهي تھ ونيش ڦوگهٽ ٻين 7 عورت ريسلرز سان گڏ فيڊريشن جي صدر تي هراسمينٽ جو الزام لڳايو هو ۽ انصاف لاءِ احتجاج پڻ ڪيو هو. ونيش ڦوگهٽ جو چوڻ آهي تھ وزيراعظم مودي جي هن معاملي ۾ خاموشي اختيار ڪرڻ تي تڪليف ٿي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close