نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جو آل رائونڊر مائيڪل براسويل زخمي ٿيڻ بعد ورلڊ ڪپ 2023ع جي ايونٽ مان نڪري ويو آهي. ميڊيا مطابق مائيڪل براسويل ٽي 20 بلاسٽ جي ميچ دوران وورسٽر شائر طرفان بيٽنگ ڪندي زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڊاڪٽرن 6 مهينا آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي، مائيڪل براسويل جي سرجري اڄ مقامي اسپتال ۾ ڪئي ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close