رانديون

ڀارتي ريسلنگ فيڊريشن سربراهه تي هراسمينٽ الزامن تي فرد جرم لاڳو

ڀارت جي ريسلنگ فيڊريشن سربراهه برج ڀوشن شرن سنگهه تي پوليس نيٺ عورت ريسلرن کي هراسمينٽ ڪرڻ جي الزامن هيٺ فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ڀارت کي ٻھ پيرا گولڊ ميڊل کٽي ڏيندڙ ريسلرن ونيش ڦوگهٽ ۽ ٻين عورت ريسلرن لاڳيتو احتجاج ڪندي برج ڀوشن شرن سنگهه تي کين هراسان ڪرڻ، پيڇو ڪرڻ ۽ تنگ ڪرڻ جا الزام لڳايا هئا، جنهن بعد حڪومت ۾ معاملي جي وچ ۾ پئي، کين انصاف جو يقين ڏياريو هو. هوڏانهن برج ڀوشن شرن سنگهه پاڻ تي لڳايل الزامن کي مڃڻ کان انڪار ڪندي ڪاروائي ساک خراب ڪرڻ جي سازش قرار ڏني آهي. ڀارتي حڪومت چيو آهي تھ ريسلنگ فيڊريشن ۾ هاڻ برج ڀوشن سنگهه جو ڪردار نھ هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button