
ڏکڻ آفريقا جي ويمن ڪرڪيٽ ٽيم تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان جو دورو ڪندي. ميڊيا مطابق تاريخ ۾ ڪرڪيٽ جي ڪنهن بھ فارميٽ ۾ شرڪت لاءِ پهريون ڀيرو پاڪستان ايندڙ مهمان ٽيم 6 ميچن تي ٻڌل وڏي سيريز کيڏندي. ذريعن جو چوڻ آهي تھ ڏکڻ آفريقا ۽ پاڪستان جون ويمن ٽيمون ڪراچي ۾ پهرين سيپٽمبر کان 14 سيپٽمبر تائين ميچون کيڏنديون، جنهن جو شيڊول جلد ئي جاري ڪيو ويندو. هوڏانهن ڪپتان ندا ڊار چيو آهي تھ جي دورو ويمن ڪرڪيٽ لاءِ اهم آهي.