ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسسٽنٽ ڪوچ ڪارل هوپر ٽيم جي پرفارمنس تي مايوسي جو اظهار ڪندي عالمي رينڪنگ ۾ ٻيهر گهٽ پوزيشن تي وڃڻ جو خدشو ڏيکاري ڇڏيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪارل هوپر جو چوڻ هو تھ ٽيم ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ ڪواليفائي نھ ڪري سگهي هئي، هن وقت بھ صورتحال تبديل ناهي ٿي، جيڪڏهن ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ ڪواليفائي نھ ڪيو تھ رينڪنگ ٽاپ ٽين پوزيشن ۾ بھ نھ رهندي ۽ اڃا هيٺ ويندي. هن چيو تھ مان ڏسي رهيو آهيان تھ رينڪنگ جي حوالي سان پوزيشن بهتر ناهي. هن چيو تھ سڀني ٽيمن جو احترام آهي، پر ڪواليفائنگ رائونڊ ۾ اسين نيپال، آمريڪا ۽ افغانستان جهڙين ٽيمن سان مقابلي ۾ آهيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close