رانديون

ايشيا ڪپ سبب شاهين آفريدي جي شادي جي تاريخ تبديل

پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي تيز بالر شاهين آفريدي جي شادي جي تاريخ ايشيا ڪپ سبب تبديل ٿي وئي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهين آفريدي جي سهري ۽ اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي ٻڌايو تھ شادي ۾ دير سوير ٿيندي رهندي آهي، گهٽ ۾ گهٽ اهو پتو پئجي ويندو تھ ايشيا ڪپ ڪاڏي وڃي رهيو آهي. هن چيو تھ شادي جي تاريخ 17 سيپٽمبر طئي هئي، هاڻ تبديل ڪري ڇڏي آهي. اهو پڻ اعلان ڪيو تھ ڌيءَ انشا ۽ شاهين جي شادي جون تقريبون سيپٽمبر ۾ ئي شروع ڪيون وينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button