پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي نئين چيئرمين جي چونڊ جي تياري مڪمل ڪندي وزيراعظم شهباز شريف ذڪا اشرف ۽ مصطفيٰ رمدي کي گورننگ باڊي ۾ ميمبر طور نامزد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان نجم سيٺي ڊوڙ مان آئوٽ ٿي ويو آهي. ميڊيا مطابق وزيراعظم شهباز شريف گورننگ باڊي جي ٻن نالن جي منظوري ڏيڻ بعد سمري بين الصوبائي وزارت کي ڏياري موڪلي آهي. جڏهن تھ هان پي سي بي قانون موجب چيف اليڪشن ڪمشنر اجلاس سڏائي چونڊ ڪرائيندو، جنهن لاءِ موجود روايت تحت وزيراعظم جي پيٽرن ان چيف طور نامزد ڪيل ٻن نالن مان هڪ چيئرمين چونڊيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي تھ پيپلز پارٽي جي حمايت سبب ذڪاءَ اشرف جي چيئرمين بڻجڻ جا چٽا امڪان آهن،
ڇاڪاڻ تھ نجم سيٺي پاڻ کي هن ڊوڙ مان ڌار ڪري ورتو آهي. نجم سيٺي سماجي رابطن واري پيج تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو هو تھ پي سي بي چيئرمين جو اميدوار ناهيان، پر سمورن اسٽيڪ هولڊرز لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيان ٿو.