پاڪستان قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀارت ۾ شيڊول ورلڊ ڪپ 2023ع ۾ شرڪت حڪومتي اجازت سان مشروط ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان جي پرڏيهي ترجمان زهرا بلوچ چيو آهي تھ ڀارت پاران پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ نھ کيڏڻ واري پاليسي مايوس ڪندڙ آهي، ايونٽ بابت هر حوالي سان جائزو وٺي رهيا آهيون. هن ٻڌايو تھ آئي سي سي شيڊول جي اعلان ۾ دير ڪئي آهي، بورڊ ڪجهه ڏينهن اڳ سمورن شريڪ ملڪن کي شيڊول جو ڊرافٽ جاري ڪرڻ آئي سي سي کي خط لکيو هو، جنهن ۾ چيو ويو آهي تھ هڪ طرفو قدم قبول نھ ڪندا. زهرا بلوچ جو چوڻ هو تھ ڀارت ۾ پاڪستانين جي سيڪيورٽي سميت هر رخ جاچيون پيا ۽ ايونٽ ۾ ٽيم جي شرڪت بابت اعلان جلد ٿيندو تھ ٽيم ڀارت ويندي يا نھ ويندي. هن چيو تھ ورلڊ ڪپ 2023ع جي ايونٽ ۾ شرڪت بابت فيصلو حڪومت ئي ڪندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close