رانديون

پاڪستاني ڪرڪيٽرن جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ دير جو امڪان

پي سي بي ۾ چيئرمين جي چونڊ وارو معاملو ڊيگهه وٺڻ سبب قومي ڪرڪيٽرن جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ دير ٿيڻ جو امڪان ڏيکاريو ويو آهي. ميڊيا مطابق چيئرمين جي چونڊ واري معاملي ۾ اڃا تائين صورتحال واضع نھ ٿيڻ سبب 30 جون تي ختم ٿيندڙ سينٽرل ڪانٽريڪٽ بعد نئين ڪانٽريڪٽ تي ڪا اڳڀرائي نھ ٿي سگهي آهي، جنهن سبب امڪان آهي تھ نئون ڪانٽريڪٽ ٿيڻ ۾ دير ٿيندي. ذريعن جو چوڻ آهي تھ ٽيسٽ ڪرڪيٽر اظهر علي جي رٽائرمينٽ سبب اهو نئين ڪانٽريڪٽ مان آئوٽ ٿي ويندو. جڏهن تھ فواد عالم، ياسر شاهه، نعمان علي، خوشدل شاهه، عثمان قادر، زاهد محمود پاران جڳهه برقرار رکڻ ڏکيو نظر اچي پيو. ذريعن موجب تيز بالر نسيم شاهه، حارٿ رئوف کي ترقي ملڻ جو امڪان آهي، افتخار احمد، صائم ايوب، احسان الله، زمان خان ۽ اساما مير کي ڪانٽريڪٽ ملڻ جي اميد آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button