رانديون

گارڊنر جا 8 شڪار،آسٽريليا انگلينڊ کي هارائي پهرين ويمن ايشز ٽيسٽ کٽي ورتي

آسٽريليا ويمن ٽيم انگلينڊ ويمن کي 39 رنسن تان شڪست ڏئي پهرين ويمن ايشز ٽيسٽ کٽي ورتي آهي. ميڊيا مطابق انگلينڊ ويمن ٽيم آسٽريليا ويمن پاران 267 رنسن جي ڏنل هدف کي ماڻڻ جي ڪوشش ۾ 178 رنسن تي آئوٽ ٿي شڪست کاڌي آهي، جنهن ۾ ڊاني وائيٽ 54 رنسن سان نمايان رهي، بقي بيٽرن مان ايما ليمب 28، ٽيمي بيمونٽ 22، صوفي ڊنڪلي 16، ڪيٽ ڪراس 13، صوفي ايڪليسٽون 10 رنسون ڪيون. آسٽريلوي بالر ايشلي گارڊنر جارحاڻي بالنگ ڪرائيندي 8 وڪيٽون وٺي ٽيم جي ڪاميابي ۾ مک ڪردار ادا ڪيو آهي. ان کان اڳ آسٽريليا ويمن ٽيم پهرين اننگز ۾ انا بيل سٿرلينڊ جي 137 رنسن سان 473 ۽ ٻي ۾ 257 رنسون ٺاهيون. جڏهن تھ انگلينڊ پهرين اننگز ۾ 463 ۽ ٻي ۾ 178 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي ٽيمي بيمونٽ ڊبل سينچري ٺاهي نمايان رهي. هوڏانهن آسٽريلوي بالر ايشلي گارڊنر 40 رنسن، مجموعي طور تي 12 وڪيٽون وٺڻ سبب پليئر آف دي ميچ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button