رانديون

ڏوڪري ۾ والي بال ٽورنامينٽ شيراز جهتيال جي ٽيم کٽي ورتي

ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ پليو خان جهتيال ۾ والي بال ٽورنامينٽ ڪرائي وئي جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي مختلف  ڏوڪري، باقراڻي، ڪاراڻي، ڪوٽ ڪالو مرزا، پليو خان جهتيال، ڪلهوڙا، سيهڙ ۽ هسباڻي ڳوٺن کان آيل 10 ٽيمن ٽورنامينٽ ۾ حصو ورتو. والي بال ميچ ۾ عمران جهتيال، محمد رمضان جيٿري، شيراز جهتيال، ساگر جهتيال، آڪاش، سهيل، احسن، نادر شاهاڻي، اسد شاهاڻي ۽ ٻين رانديگرن مقابلن ۾ شرڪت ڪئي. فائنل ۾ شيراز جهتيال ۽ رمضان جيٿري ۾ سخت مقابلو ٿيو، جنهن ۾ شيراز جهتيال ڪاميابي ماڻي ورتي. فائنل کٽيندڙ ٽيم جي ڪئپٽن شيراز جهتيال  کي 10 هزار روڪ ۽ سنڌي ٽوپي پارائي وئي. جڏھن ته هارائيندڙ رمضان جيٿري جي ٽيم کي 5 هزار روڪ ۽ سنڌي ٽوپي پارائي وئي. بهترين ڪمپيئرنگ تي عمران جهتيال کي 3 هزار انعام ڏنو ويو. ٽورنامينٽ ڪرائيندڙ ياسين جهتيال ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هر سال والي بال ٽورنامينٽ ڪرائيندا آھيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button