
ويسٽ انڊيز ويمن ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ون ڊي فارميٽ ۾ 2000 رنسون مڪمل ڪري اهم اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق هيلي ميٿيوز آئرلينڊ ويمن خلاف پهرين ون ڊي ۾ 2 ڇڪن ۽ 10 چوڪن جي مدد سان 109 رنسون ٺاهي 2000 جو هدف پورو ڪيو، جنهن سان هيلي ميٿيوز اهڙو اسڪور ڪندڙ ويسٽ انڊيز جي ٽين بيٽر آهي.