
قازڪستان جي مشهور ٽينس اسٽار ايلينا رائباڪنا ايسٽ بورن ٽورنامينٽ تان هٿ کڻي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق رائباڪنا گذريل سال پنهنجو پهريون گرينڊ سلم کٽيو هو، جيڪا پيرس ۾ وائرس جو شڪار ٿي بيمار ٿيڻ سبب ايسٽ بورن ٽورنامينٽ نھ کيڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ايلينا رائباڪنا بابت معلوم ٿيو آهي تھ پيرس ۾ ايونٽ کيڏڻ دوران اها وائرس جو شڪار ٿي ۽ ان ٽورنامينٽ مان نڪري وئي هئي. ايلينا رائباڪنا جو چوڻ آهي تھ مون فيصلو ڪيو آهي تھ صحتيابي بعد ومبلڊن ٽورنامينٽ جي تياري ڪئي ويندي.