رانديون

پي سي بي جا معاملا اليڪشن ڪمشنر حوالي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن چيلينج

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جا معاملا اليڪشن ڪمشنر حوالي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن عدالت ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق اسلام آباد هائي ڪورٽ ۾ عرفان منظور نالي شهري درخواست ڏئي نوٽيفڪيشن چيلنج ڪيو آهي. جڏهن تھ جسٽس ميان گل حسن ۽ جسٽس اورنگزيب درخواست ٻڌڻ جوڳي هجڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي تھ پي سي بي جا معاملا اليڪشن ڪمشنر حوالي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن غيرقانوني آهي، تنهنڪري اهو معطل ڪيو وڃي. ياد رهي تھ پي سي بي مينيجمينٽ ڪاميٽي جو مدو پورو ٿيڻ تي اها ختم ٿيڻ بعد بين الصوبائي وزارت معاملا اليڪشن ڪمشنر حوالي ڪيا هئا ۽ ان جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button