رانديون

ورلڊ ڪپ جي شيڊول جو اعلان، پاڪستان ۽ ڀارت 15 آڪٽوبر تي مقابلو ڪندا

آئي سي سي ورلڊ ڪپ جي شيڊول جو باظابطا طور تي اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ پهريون مقابلو 15 آڪٽوبر تي رکيو ويو آهي. ميڊيا مطابق ون ڊي ورلڊ ڪپ جي پهرين ميچ دفاعي چيمپيئن انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن ۾ 5 آڪٽوبر تي احمد آباد جي نريندر مودي اسٽيڊيم ۾ ٿيندي. آئي سي سي موجب پاڪستان ايونٽ ۾ پنهنجي پهرين ميچ حيدرآباد دکن ۾ 6 آڪٽوبر تي ڪواليفائر هڪ خلاف کيڏي سفر جي شروعات ڪندو. جڏهن تھ ٻي ميچ 12 آڪٽوبر تي ساڳي هنڌ ڪواليفائر نمبر 2 سان رٿي وئي آهي.

اهڙي ريت پاڪستان ايونٽ ۾ 20 آڪٽوبر تي آسٽريليا، 23 آڪٽوبر تي افغانستان، 27 آڪٽوبر تي ڏکڻ آفريقا، 31 آڪٽوبر تي بنگلاديش، 4 نومبر تي نيوزيلينڊ ۽ آخري رائونڊ ميچ 12 نومبر تي انگلينڊ خلاف کيڏندو. ايونٽ ۾ هر ٽيم جا 9 ميچ رٿيا ويا آهن، جيڪي ٿيڻ بعد شيڊول تحت پهريون سيمي فائنل 15 نومبر، ٻيو سيمي فائنل 16 نومبر ۽ ميگا ايونٽ جو فائنل 19 نومبر تي احمد آباد ۾ رکيو ويو آهي، جنهن ۾ نئين چيمپئين جو فيصلو پڻ ٿيندو. ٻئي پاسي پي سي بي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو آهي تھ ڀارت جي دوري ۽ ميچن جي هنڌ بابت اسان کي حڪومت جي ڪليئرنس جي ضرورت هوندي آهي، اتان جيڪا هدايت ملي ان کان آئي سي سي کي آگاهه ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button