رانديون

ويسٽ انڊيز ويمن پهرين ون ڊي ۾ آئرلينڊ کي هارائي ڇڏيو

ويسٽ انڊيز جي ويمن ڪرڪيٽ ٽيم آئرلينڊ جي مهمان ويمن ٽيم کي پهرين ون ڊي ۾ 58 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ويسٽ انڊيز جي ٽيم 6 وڪيٽن تي 297 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ ڪپتان هيلي ميٿيوز سينچري اسڪور ڪندي 109 رنسن جي اننگز کيڏي، ان سان گڏ اسٽيفني ٽيلر 55، چنيل هينري 53 رنسن سان نمايان رهيون. آئرلينڊ جي بالر ڪارا مري 3 وڪيٽون ورتيون. هوڏانهن آئرلينڊ جي ٽيم مليل هدف پويان کيڏندي 9 وڪيٽن تي 239 رنسون ٺاهي سگهي، جنهن ۾ گيبي ليوس 83 ۽ لورا ڊيليني 40 رنسن سان نمايان رهيون. ويسٽ انڊيز جي هيلي ميٿيوز 3 شڪار ڪيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button