رانديون

سريلنڪا ويمن 9 وڪيٽن تان نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي

سريلنڪا ويمن ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ون ڊي ۾ 9 وڪيٽن تان نيوزيلينڊ ويمن کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ڪولمبو ۾ پهرين ون ڊي دوران نيوزيلينڊ ويمن 5 وڪيٽن تي 170 رنسون ٺاهي هدف ڏنو، جنهن ۾ اميلا ڪر 40، ميڊي گرين 38، سوزي بيٽس 28 رنسن سان نمايان رهيون. جڏهن تھ برسات سبب ميچچ کي 28 اوورن تي محدود ڪري هدف 172 رنسون ڪيو ويو. هوڏانهن سريلنڪا مليل هدف هڪ وڪيٽن وڃائي 27 اوورن ۾ پورو ڪري ڪاميابي ماڻي، جنهن ۾ ڪپتان چماري اتاپٽو شاندار اننگز کيڏندي 5 ڇڪن ۽ 10 چوڪن جي مدد سان 83 بالن تي 108 رنسون ٺاهيون، وشامي گونارتني 50 رنسون ٺاهيون آهن. جڏهن تھ چماري اٽاپتو کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button