
بلوچستان بعد لاهور هائي ڪورٽ ۽ پشاور هائي ڪورٽ بھ پي سي بي چيئرمين چونڊ روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق لاهور هائي ڪورٽ ۽ پشاور هائي ڪورٽ پي سي بي جي چيئرمين جي چونڊ روڪڻ جو حڪم جاري ڪرڻ سان گڏ وفاقي حڪومت، پي سي بي، اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب بھ ڪري ورتو آهي. هوڏانهن پشاور هائي ڪورٽ چونڊ روڪڻ بعد درخواست جي ٻڌڻي کي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.