رانديون

ورلڊ ڪپ ڪواليفائر ۾ سريلنڪا هٿان اسڪاٽ لينڊ کي شڪست

ورلڊ ڪپ 2023ع جي ڪواليفائر ميچن ۾ سريلنڪا 82 رنسن تان اسڪاٽ لينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق سريلنڪا جي ٽيم 245 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ پيٿم نشانڪا 75 ۽چيرٿ  اسلانڪا 63 رنسن سان نمايان رهيا. جڏهن تھ اسڪاٽ لينڊ جي ڪرس ڪريووز 4 وڪيٽون ورتيون. اسڪاٽ لينڊ جي ٽيم 163 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ ڪرس ڪريووز 56 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو آهي. راند جي پڄاڻي تي سريلنڪا جي مهيش ٺيڪشانا کي 16 رنسن ۽ 3 وڪيٽون وٺڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button