رانديون

آسٽريلين ڇوڪري اسڪيٽ بورڊنگ ۾ 720 ٽرڪ لينڊ ڪندر پهرين رانديگرياڻي بڻجي وئي

سڊني: آسٽريليا جي 13 سالن جي ڇوڪري اسڪيٽ بورڊنگ جي تاريخ ۾ 720 ٽرڪ لينڊ ڪرڻ واري پهرين رانديگرياڻي بڻجي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آسٽريليا سان تعلق رکندڙ 13 سالن جي اريسا ٽريو هڪ ميچ ۾ اسڪيٽ بورڊنگ جا 720 ٽرڪ پرفارم ڪيا، جن ۾ 2 مڪمل گردشون هوا ۾ به شامل آهن. ميڊيا رپورٽن موجب 1985ع ۾ ليجنڊ اسڪيٽ بورڊر ٽوني هاڪ کي ان ٽرڪ جو ماسٽر سمجهيو ويندو هو جنهن اهو ڪارنامو سرانجام ڏنو پر ان وقت کان وٺي اڄ تائين ڪنهن کي به اهو اعزاز نه مليو آهي. جڏهن ته 13 سالن جي ارسا ٽريو هاڻي 720 ٽرڪن ۾ سڀ کان ننڍي عمر جي رانديگرياڻي ٿيڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button