رانديون

انگلش ڪرڪيٽ ۾ وڏي نسل پرستي، طبقاتي تعصب جو انڪشاف

لنڊن: ڪرڪيٽ ۾ برابري لاءِ جوڙيل آزاد ڪميشن ٻن سالن جي جاچ کانپوءِ 137 صفحن تي ٻڌل تفصيلي رپورٽ جاري ڪئي، جنهن ۾ انگلش ڪرڪيٽ ۾ وڏي پئماني تي نسل پرستي، تعصب ۽ طبقاتي تعصب جو انڪشاف ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته انگلش ڪرڪيٽ اداراجاتي ۽ منظم نسل پرستي جو شڪار آهي، جنس پرستي، نسل پرستي، اشرافيه انگلش ڪرڪيٽ جا سنگين مسئلا آهن. رپورٽ موجب انگلش ڪرڪيٽ نسل پرستي سبب بهترين رانديگرن کان محروم ٿي وئي آهي، بي اعتمادي سبب رانديگرن بورڊ کي شڪايت ناهي ڪئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪرڪيٽ ۾ سرڪاري اسڪولن ۽ خانگي اسڪولن جي اشرافيه کي ترجيح ڏني ويندي آهي جڏهن ته عورت ڪرڪيٽرن کي گهٽ سمجهيو ويندو آهي. رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته لارڊز ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ عورتن کي ٽيسٽ کيڏڻ جي اجازت ناهي، جڏهن ته عورت ڪرڪيٽرن کي بي شرميءَ سان گهٽ معاوضو ڏنو ويندو آهي ۽ فيصلا سازي ۾ عورتن جي نمائندگي گهٽ هوندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button