رانديون

نائلا ڪياني نانگا پربت جي چوٽي تي پهچڻ ۾ ڪامياب

پاڪستان جي عورت جبل چاڙهو نائلا ڪياني 8 هزار 126 ميٽر بلند نانگا پربت جي چوٽي تي پهچڻ ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. ميڊيا مطابق نائلا ڪياني نانگا پربت جي چوٽي تي چڙهڻ بعد 8 هزار ميٽر بلند چوٽي تي چڙهندڙ پهرين پاڪستاني عورت جبل چاڙهو جو اعزاز بھ ماڻي ورتو آهي. هوڏانهن هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ دنيا جي ڏکين ۽ قاتل چوٽي طور شهرت رکندڙ نانگا پربت تي چڙهڻ وقت نائلا جو شڪار ٿي هئي، پر هن جي عزم کيس ڪاميابي ڏياري. نائلا ڪياني کي مهم ۾ شهڪار ڪندڙ ڪمپني جي اختيارين جو چوڻ آهي تھ نائلا ڪياني جهڙين باصلاحيت عورتن کي سهولت ڏيڻ تي فخر ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button