رانديون

بين اسٽوڪس جي سينچري شڪست ٽاري نه سگهي، آسٽريليا ٻي ٽيسٽ ۾ به ڪامياب

ڪپتان بين اسٽوڪس جي 9 ڇڪن تي مشتمل شاندار سينچري به انگلينڊ کي لارڊز ٽيسٽ ۾ ڪاميابي نه ڏياري سگهي، آسٽريليا ٻئي دنگل ۾ دلچسپ مقابلي بعد ميزبان ٽيم کي 43 رنسن تان مات ڏئي ايشز سيريز ۾ برتري وڌائي 0-2 ڪري ورتي آهي. لارڊز جي تاريخي گرائونڊ تي کيڏيل ٻي ٽيسٽ مئچ جي پنجين ۽ آخري ڏينهن 371 رنسن جي هدف جو پيڇو ڪندي انگلينڊ جي ٽيم 327 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، ميزبان ٽيم جي ڪپتان بين اسٽوڪس 9 ڇڪن ۽ 9 چوڪن جي مدد سان 155 رنسون ٺاهيون، هن ستين وڪيٽ تي اسٽوئرٽ براڊ سان گڏ 108 رنسن جي ڀائيواري ڪئي ۽ رهيل ٽارگيٽ کي 70 رنسن تائين آندو پر اسٽوڪس جي آئوٽ ٿيڻ بعد ٻيا رانديگر انگلينڊ کي منزل تائين پهچائڻ ۾ ناڪام رهيا، اسٽوڪس کان اڳ بين ڊِڪيٽ 83 رنسن سان نمايان رهيو. ٻي اننگز ۾ آسٽريليا طرفان مچل اسٽارڪ، پيٽ ڪمنز ۽ جوش هيزل ووڊ 3-3 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته هڪ وڪيٽ ڪيمرون گرين جي حصي ۾ آئي. فاتح ٽيم آسٽريليا جي بئٽر اسٽيون سمٿ کي پهرين اننگز ۾ شاندار سينچري اسڪور ڪرڻ تي پليئر آف دي مئچ قرار ڏنو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button