رانديون

ٽينس اسٽار نڪولس ڪرگيوس زخمي، ٿيڻ بعد ومبلڊن مان آئوٽ

آسٽريليا جو مشهور ٽينس اسٽار نڪولس ڪرگيوس زخمي ٿيڻ سبب ومبلڊن مان آئوٽ ٿي ويو آهي، جنهن سبب هو گرينڊ سلم کيڏڻ جو موقعو وڃائي ويٺو آهي. ميڊيا مطابق نڪولس ڪرگيوس سماجي رابطن واري پيج تي آگاهي ڏني آهي تھ هو ٻانهن جي ڪارائي ۾ تڪليف سبب ايونٽ ۾ شرڪت نھ ڪندو. هن پنهنجي تازي پيغام ۾ لکيو تھ مداحن کي انتهائي ڏک سان آگاهي ڏئي رهيو آهيان تھ هن سال ومبلڊن جو حصو نھ ٿيندس. هن چيو تھ ٻانهن جي ڪارائي جو اسڪين ڪرايو، علاج هلي پيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button