رانديون

پي سي بي چيئرمين جي چونڊ خلاف عدالتي منع نامو ختم

لاهور هائي ڪورٽ پي سي بي جي چيئرمين جي چونڊ خلاف جاري ڪيل منع نامو ختم ڪندي واپس وٺي ڇڏيو آهي، جنهن سان چونڊن ۾ هڪ قانوني رنڊڪ هڪ حد تائين ختم ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق لاهور هائي ڪورٽ جي جسٽس انوار حسين پي سي بي چيئرمين جي چونڊ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪرڻ بعد فيصلو ڏنو آهي. عدالت ٻڌڻي دوران وڪيلن جا دليل ٻڌي درخواستون گڏ ٻڌڻ لا چيف جسٽس کي موڪليون آهن ۽ سفارش ڪئي آهي تھ هن قسم جون درخواستون ٻين عدالتن ۾ پڻ ٻڌڻي هيٺ آهن، تنهنڪري انهن کي گڏ ٻڌو وڃي. عدالت ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ درخواستگذار موقف اختيار ڪيو هو تھ اليڪشن ڪمشنر پاران مينيجمينٽ ڪاميٽي جي بورڊ آف گورنرس کي ختم ڪري نئون بورڊ آف گورنرس جوڙڻ واري قدم کي غير آئيني قرار ڏنو وڃي ۽ عدالتي فيصلو اچڻ تائين چونڊ کي روڪڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي. ياد رهي تھ پشاور ۽ بلوچستان هائي ڪورٽن پاران چونڊ خلاف درخواستن تي منع نامو ختم نھ ٿي سگهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button