رانديون

نانگا پربت ۾ ڦاٿل آصف ڀٽي سنو بلائينڊنيس بيماري ۾ مبتلا

دنيا جي 9 بلند ترين جابلو چوٽي تي ڪاميابي سان پهچڻ جي مهم مڪمل ڪرڻ بعد واپسي دوران برف سان ڍڪيل جبل ۾ ڦاسي پيل پاڪستاني جبل چاڙهو ڊاڪٽر آصف ڀٽي هيٺ لهڻ جو سفر شروع ڪري ڇڏيو آهي، پر خراب خبر اها آهي تھ هو اکيون نھ کلي سگهڻ واري بيماري سنو بلائينڊنيس ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. برطانوي ميڊيا جو چوڻ آهي تھ آصف ڀٽي آذربائيجان جي جبل چاڙهو اسفرافي جي مدد سان هيٺ اچي رهيو آهي. هوڏانهن آصف ڀٽي سميت جبل چاڙهن جي سهڪاري تنظيم جي هڪ رڪن ڪرار حيدري ٻڌايو تھ آصف ڀٽي صحت ۾ ٺيڪ آهي، حوصلا بھ بلند اٿس،

جبل چاڙهو محمد آصف ڀٽي

ڪيمپ ٽو پهچڻ تي کيس ريسڪيو ڪبو، جتان کيس هيلي ڪاپٽر جي مدد بھ ملي سگهندي. هن چيو تھ هن وقت 7 هزار ميٽر بلندي تي آصف موجود آهي، سندس مدد لاءِ ٻيا جبل چاڙهو وڃن پيا، ڇاڪاڻ تھ اکيون نھ کلڻ سبب سندس سفر آهستي ۽ احتياط سان ٿي رهيو آهي، بس ڪهڙي بھ ريت رڳو ڪيمپ ٽو پهچي وڃي، هو اڃا ڪيمپ ٿري ۾ ناهي پهچي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button