افغانستان جي ڪرڪيٽر عثمان غني پنهنجي افغان ڪرڪيٽ بورڊ کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي ۽ عارضي طور ڪرڪيٽ کان پاسيرو ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ميڊيا مطابق عثمان غني سماجي رابطن واري پيج تي لکيو آهي تھ ڪرڪيٽ بورڊ جي بدعنوان اختيارين مون کي پوئتي ڌڪڻ تي سڄو زور لڳائي ڇڏيو آهي. هن لکيو تھ بورڊ جو چيئرمين ملڻ لاءِ موجود ناهي، چيف سليڪٽر مون کي ٽي مان ٻاهر رکڻ جو تسلي جوڳو جواز نٿو ٻڌائي، پر منهنجا حوصلا بلند آهن، ڪنهن درست انتظاميا ۽ صحيح سليڪشن ڪاميٽي جي اچڻ تي مان وري کيڏندس.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close