بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ حسينا واجد جي مداخلت تي ملڪي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان تميم اقبال عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ حسينا جمعي جي ڏينهن تميم اقبال کي وزيراعظم هائوس ۾ سڏائي ملاقات ڪئي ۽ کيس رٽائرمينٽ واپس وٺڻ تي راضي ڪري ورتو، جنهن بعد تميم اقبال رٽائرمينٽ جو فيصلو واپس ورتو آهي. ملاقات دوران تميم اقبال جي زال پڻ موجود هئي. هوڏانهن بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جو صدر ناظم الحسن، اڳوڻو ڪرڪيٽر مشرف مرتضيٰ پڻ تميم اقبال سان گڏ هئا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close