آئي سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ جي 10 ٽيمن جو تعداد مڪمل ٿي ويو آهي، جنهن بعد جوڙيل ٽائيم ٽيبل تحت پاڪستان ايونٽ ۾ پهرين ميچ ڪواليفائر ٽيم نيڌرلينڊ خلاف کيڏندو. ميڊيا رپورٽس ۾ چيو ويو آهي تھ ڪواليفائر مقابلن مان گذري نيڌرلينڊ جي ورلڊ ڪپ ون ڊي ۾ پهچڻ سان ٽيمن جو انگ پورو ٿي ويو آهي. جڏهن تھ نئين شيڊول موجب ٽورنامينٽ جي پهرين ميچ دفاعي چيمپيئن انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ کيڏندا، سخت مقابلي ٿيڻ جو امڪان آهي. جڏهن تھ نيڌرلينڊ ۽ پاڪستان وچ ۾ 6 آڪٽوبر تي مقابلو ٿيندو، 7 آڪٽوبر تي بنگلاديش ۽ افغانستان کيڏندا. اهڙي ريت پاڪستان 12 آڪٽوبر تي سريلنڪا، 15 تي ڀارت، 20 تي آسٽريليا، 23 تي افغانستان سان مقابلا ڪندو. شيڊول تحت قومي ٽيم 27 آڪٽوبر تي ڏکڻ آفريقا ۽ 31 آڪٽوبر تي بنگلاديش خلاف کيڏندي ۽ پاڪستان جا 5 نومبر تي نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ سان 12 نومبر ۾ رائونڊ مقابلا ٿيندا. پهريون سيمي فائنل ممبئي ۽ ٻيو سيمي فائنل ڪولڪتا ۾ ٿيندو، اهڙي ريت فائنل 19 نومبر تي ممبئي ۾ کيڏيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close