رانديون

احسان عادل ۽ حماد اعظم پاران ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان

پاڪستان جي ٻن ڪرڪيٽرن احسان عادل ۽ حماد اعظم ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق تيز بالر احسان عادل ۽ آل رائونڊر حماد اعظم جي رٽائرمينٽ جي اعلان تي پي سي بي کين ڀيٽا پيش ڪئي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ احسان عادل 2013ع ۾ سينچرين ٽيسٽ کان ڪيريئر شروع ڪيو، جنهن 3 ٽيسٽ ميچن ۾ 5 وڪيٽون ورتيون ۽ 6 ون ڊي کيڏي 4 وڪيٽون ورتيون. جڏهن تھ حماد اعظم 2011ع ۾ ڊيبو ڪيو، 2015ع تائين 11 ون ڊي کيڏي 80 رنسون ٺاهيون ۽ 2 وڪيٽون ورتيون، 5 ٽي 20 ميچن ۾ هن 34 رنسون ٺاهيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button