
شندور پولو فيسٽيول جو فائنل چترال جي ٽيم کٽي ورتو آهي، جنهن ۾ گلگت بلتستان کي شڪست ملي آهي. ميڊيا مطابق شندور ميلي جي آخري ڏينهن واري مقابلي ۾ چترال 5 جي مقابلي ۾ 7 گول ڪري گلگت بلتستان کي شڪست ڏئي ايونٽ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. هوڏانهن پڄاڻي واري ڏينهن تي ڪيلاش ڊانس سميت مختلف بينڊز پرفارم ڪيو آهي.