رانديون

پاڪستان ورلڊ ڪپ ۾ نيوٽرل جڳهه تي ميچ کيڏڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

پاڪستاني اختيارين ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي ميچ نيوٽرل جڳهه تي کيڏڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق وزيراعظم شهباز شريف پاران ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت بابت پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو جي سربراهي ۾ جوڙيل هائي پروفائيل ڪاميٽي جي ميمبر بين الصوبائي وزارت جي وزير احسان مزاري ورلڊ ڪپ ۾ هائبرڊ ماڊل ڏيڻ جي گهر ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي وزير احسان مزاري چيو آهي تھ ورلڊ ڪپ ۾ هائبرڊ ماڊل تحت پاڪستان کي بھ غيرجانبدار هنڌ فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪرڻ جو حق حاصل آهي. هن جو چوڻ هو تھ ڀارت ايشيا ڪپ لا نيٽرول جڳهه گهري ٿو، تھ ڀارت ۾ رٿيل ورلڊ ڪپ ۾ اسين بھ اهو ساڳيو مطالبو ڪنداسين. هن چيو تھ پي سي بي منهنجي وزارت ۾ آهي، ايشيا ڪپ جي ميزبان طور سمورا ميچ هتي ڪرائڻ جو حق رکون ٿا، ڇاڪاڻ تھ ڪرڪيٽ جا شوقين چون ٿا تھ انهن کي هائبرڊ ماڊل قبول ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button