آمريڪي ليگ جي حوالي سان 25 هزار ڊالر جي شرط رکڻ تي ڪرڪيٽر مايوسي جو شڪار ٿي ويا آهن، جن ڪيترن ئي آپشنز تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق پي سي بي پاران اين او سي جي مد ۾ 25 هزار ڊالر ڏيڻ جي شرط بعد ڪيترن ئي رانديگر رٽائرمينٽ لاءِ سوچڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي تھ هن وقت حماد اعظم ۽ احسان عادل رٽائرڊ ٿي ويا آهن، پر ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ وڌيڪ ڪرڪيٽر عالمي ڪرڪيٽر تان رٽائرڊ ٿيڻ جو امڪان آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close