رانديون

ويمن فٽبال ٽيم کي سينگاپور وڃڻ لاءِ اين او سي نھ ملي

پاڪستان جي ويمن فٽبال ٽيم کي سينگاپور وڃي ميچون کيڏڻ جي ڏس ۾ اسپورٽس بور ڊ پاران اين او سي نھ ملي سگهي آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان اسپورٽس بورڊ 6 هفتا اڳ گهربل دستاويز موڪلڻ واري موقف سبب ويمن فٽبال جي ايونٽ ۾ شرڪت لاءِ ٽيم کي اين او سيز نھ ڏنيون ويون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي تھ ويمن ٽيم کي 13 جولائي تي روانو ٿيڻو هو، پر پي ايس بي پاران گهٽ وقت سبب اين او سي کان معذرت ڪئي آهي، تنهنڪري ٽيم جي روانگي دير جو شڪار ٿي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button