
نيوزيلينڊ جي ويمن ڪرڪيٽ ٽيم ٻي ٽي 20 ميچ ۾ بھ سريلنڪا ويمن کي شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي آهي. ميڊيا مطابق سريلنڪا ويمن ٽيم 6 وڪيٽن تي 118 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ حسيني پيريرا 33 رنسن سان نمايان رهي، جڏهن تھ 2 بيٽر کاتو کولڻ بنا واپس ويون، 2 سنگل ڊجيٽ ۾ رهيون، نيوزيلينڊ ويمن جي بالر لي ٽاهيوهيو 4 وڪيٽون ورتيون. هوڏانهن نيوزيلينڊ 19 اوور ۾ هدف ماڻي 8 وڪيٽن تان ڪاميابي ماڻي، جنهن ۾ سوزي بيٽس جي 52، اميلا ڪر 33 رنسن سان نمايان رهيون آهن. جڏهن تھ لي ٽاهيوهيو کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو آهي.