رانديون

نيشنل گيمز ۾ 5 رانديگرن جا ڊوب ٽيسٽ مثبت اچي ويا

ڪوئٽا ۾ منعقد ٿيل نيشنل گيمز ۾ ٻن عورت ايٿليٽس سميت 5 رانديگرن جا ڊوب ٽيسٽ مثبت اچي ويا آهن. ميڊيا مطابق 20 رانديگرن تي شڪ تي سندن نمونا وٺي ٽيسٽ ڪئي وئي، جن جا نتيجا هاڻ آيا آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ 4 ايٿليٽس ايشا، رابعا عاشق، نعيم اختر، عزيز الرحمان ۽ هڪ ويٽ لفٽر طاهر جي ٽيسٽ مثبت آئي آهي. جڏهن تھ ڊوب ٽيسٽ مثبت آيل رانديگرن بابت ڪاميٽي جوڙي جاچ ڪئي ويندي، جن تي 2 کان 4 سال پابندي جو خدشو ڏيکاريو ويو آهي. هوڏانهن عيشا عمران کي ايشين گيمز مان نڪري وئي آهي، جنهن کي 200 ميٽرن جي ڊوڙ ۾ شموليت کان روڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button