رانديون

پاڪستان ۽ سريلنڪا ۾ پهرين ٽيسٽ سڀاڻي کان شروع، ٽرافي جو مهورت

پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ سڀاڻي کان کيڏي ويندي، جنهن ۾ فتح لاءِ پاڪستاني ڪپتان بابراعظم پرعزم آهي. سريلنڪا خلاف ٽيسٽ کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي بابراعظم ٻڌايو تھ ٽيسٽ ۾ گذريل 12 سالن کان نتيجا پاڪستان جي حق ۾ بهتر ناهن رهيا، پر هاڻ ٽيم تبديل ٿي آهي، تنهنڪري اسين مضبوط ٽيم آهيون. هن چيو تھ في الحال هڪ ڳالهه تي ڌيان آهي،

پاڪستاني رانديگر پريڪٽس ڪندي

اسان کي سمورن فارميٽس ۾ پرفارم ڪرڻ سان گڏ مستقل مزاجي ڏيکارڻي آهي. هن چيو تھ سريلنڪا جي ٽيم بابت ڪوچ مڪي آرٿر بهتر ڄاڻ ڏني آهي، تنهنڪري سٺو مقابلو ڪنداسين. هوڏانهن بابراعظم ۽ ڊيموٿ ڪرونارتني ٽيسٽ سيريز جي ٽرافي جو مهورت ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button