رانديون

ٽي 20 ورلڊ ڪپ کان اڳ پاڪستان نيوزيلينڊ سان 10 ميچ کيڏندو

پاڪستان جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم ٽي 20 ورلڊ ڪپ کان اڳ نيوزيلينڊ خلاف اضافي 10 ميچ کيڏندي، جنهن جي شيڊول جو اعلان ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق پاڪستاني ٽيم آسٽريليا ۾ 14 ڊسمبر کان 7 جنوري تائين ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جا 3 ميچ بھ کيڏندي، جنهن بعد اها نيوزيلينڊ پهچي شروعاتي طور 12، 14، 17، 19 ۽ 21 جنوري تي 5 ٽي 20 ميچ کيڏندي، جڏهن تھ باقي 5 ميچن جو شيڊول بعد ۾ ڏنو ويندو. پي سي بي موجب اضافي 19 ميچن جي شيڊول کي ترتيب ڏيندي 3 هالينڊ، 4 انگلينڊ ۽ 2 ميچ آئرلينڊ سان بھ طئي ڪيا ويا آهن. پي سي بي فيوچر ٽوئر پروگرام ۾ معمولي تبديلي آڻي فائنل ڪيو آهي، جنهن تحت نيوزيلينڊ جي ٽيم ايندڙ سال پاڪستان ايندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button