رانديون

پاڪستان هڪ سال بعد سريلنڪا کي ٽيسٽ ۾ شڪست ڏئي ڇڏي

پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم ڪپتان بابراعظم جي قيادت ۾ هڪ سال جي وٿي بعد سريلنڪا کي ٽيسٽ ميچ ۾ 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي تاريخ ورجائي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق گال ٽيسٽ جي آخري ڏينهن تي پاڪستان جي بيٽرز 131 رنسن جو هدف 6 وڪيٽن جي نقصان تي 133 رنسن سان پورو ڪري سريلنڪا کي شڪست ڏني آهي، جنهن ۾ اوپنر امام الحق 50 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو، سعود شڪيل 30، ڪپتان بابراعظم 24، عبدالله شفيق 8 ۽ شان مسعود 7 رنسون ٺاهيون، جڏهن تھ  نعمان علي کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿي ويو. سرفراز احمد هڪ ۽ آغا سلمان علي 6 رنسون ٺاهي سگهيا. هوڏانهن سريلنڪا جي بالر پرابٿ جئي سوريا شاندار بالنگ ڪرائي 4 وڪيٽون ورتيون پر اهي شڪست سبب ضايع ٿي ويون.

پاڪستاني بيٽر رنس ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندي

راند جي پڄاڻي تي پاڪستان جي بيٽر شعود شڪيل کي 208 ۽ 30 رنسن جي اننگز تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. ان کان اڳ سريلنڪا پهرين اننگز ۾ 312 ۽ ٻي ۾ 279 رنسون ٺاهيون، پاڪستان 461 ۽ 133 رنسن جون اننگز کيڏيون. ياد رهي تھ پاڪستان گال جي ميدان ۾ ئي 20 جولائي 2022ع تي سريلنڪا کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڏني هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button