ڀارت ويسٽ انڊيز خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ پهرين ڏينهن 4 وڪيٽن جي نقصان تي 288 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. ميڊيا مطابق ڊومينيڪا جي ميدان تي هڪ ڏينهن اڳ شروع ٿيل ٻي ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن تي اوپنر يشاسوي جيسوال 57، ڪپتان روهت شرما 80 رنسون سان بهتر شروعات ڏني، سندن آئوٽ ٿيڻ بعد شبمن گل 10 ۽ اجنڪيا راهني بھ 8 رنسن تي جلد ئي پويلين واپس هليا ويا. هوڏانهن اڳوڻي ڪپتان ويرات ڪوهلي ۽ رويندر جديجا اچي محتاط بيٽنگ ڪندي اسڪور کي اڳتي وڌايو آهي، جن مان ويرات ڪوهلي 87 ۽ رويندر جديجا 36 رنسن سان ڪريز تي موجودهئا تھ راند جو وقت ختم ٿي ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close