ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم ويسٽ انڊيز خلاف ٻي ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن واري راند ۾ 438 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي آهي، جنهن ۾ ويرات ڪوهلي سينچري مڪمل ڪندي 121 رنسون ٺاهيون ۽ رن آئوٽ ٿي ويو. جڏهن تھ رويچندرن ايشون 56، ايشان ڪشن 25، رويندر جديجا 61 رنسن تي نمايان رهيا. ويسٽ انڊيز جي بالر ڪيمار روچ ۽ جيسن هولڊر 3،3 وڪيٽون ورتيون آهن. هوڏانهن ويسٽ پهرين اننگز ۾ هڪ وڪيٽ وڃائي 86 رنسون ٺاهي ورتيون آهن، جن مان ٽيگنارائن چندرپال 33 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو آهي، باقي اوپنر ڪريگ براٿويٽ 37 ۽ ڪرڪ ممڪنزي 14 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close