رانديون

بنگلاديش جي نگار سلطانا پاران ڀارتي ڪپتان تي ڇتي تنقيد

بنگلاديش ويمن ۽ ڀارت ويمن ڪرڪيٽ ٽيمن جي ون ڊي سيريز جي آخري ميچ جيتوڻيڪ بنا نتيجي ختم ٿي وئي آهي، پر ڀارتي ڪپتا هرمن پريت ڪور جي ڪاوڙ ۾ بيٽ وڪيٽن تي هڻڻ ۽ امپائرز جي فيصلي تي تنقيد بعد معاملو تڪرار جي ور چڙهي ويو آهي، ڇاڪاڻ تھ بنگلاديش ويمن ٽيم جي ڪپتان نگار سلطانا ڀارتي ڪپتان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي آداب سکڻ جو مشورو بھ ڏئي ڇڏيو آهي. نگار سلطانا جو چوڻ آهي تھ هنن کي آداب سيکارڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ تھ هو بهتر اندزا ۾ موقف ڏئي سگهيا ٿي. هن چيو تھ امپائر دٻاءَ ۾ فيصلا ناهن ڪندا، جيڪڏهن هرمن آئوٽ نھ هئي تھ اهڙو فيصلو نھ اچي ها.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button