رانديون

ويسٽ انڊيز ڏکيائين جو شڪار، 5 وڪيٽن تي 229 رنسون

ويسٽ انڊيز ڀارت خلاف ٻي ٽيسٽ جي پهرين اننگ ۾ ڏکيائين جو شڪار ٿي وئي آهي ۽ ان جا 5 اهم بيٽر 229 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا آهن. ميڊيا مطابق ڊومينيڪا جي ميدان ۾ جاري ٻي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن تي ڪپتان ڪريگ براٿويٽ 37 ۽ ڪرڪ مڪينزي 32 رنسن تي آئوٽ ٿي نمايان رهيا. جڏهن تھ جرمين بليڪ ووڊ 20، جوشوا ڊا سلوا 10 رنسن تي آئوٽ ٿيا آهن. راند ختم ٿيڻ وقت ايلڪ اٿينزا 37 ۽ جيسن هولڊر 11 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا. ڀارت جي وريندر جديجا 2 وڪيٽون ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button