رانديون

ويمنز فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ نيڌرلينڊ ۽ سوئيڊن ميچ کٽي ورتا

ويمنز فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ نيڌرلينڊ ۽ سوئيڊن جي ٽيمن پنهنجا پنهنجا ميچ کٽي ايندڙ مرحلي ۾ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق سوئيڊن جي ٽيم 2 گول ڪري ڏکڻ آفريقا کي شڪست ڏئي ڇڏي، جڏهن تھ ڏکڻ آفريقا جي ويمن ٽيم هڪ گول ڪري سگهي آهي. هوڏانهن نيڌرلينڊ جي ٽيم هڪ گول تان پورچوگال جي ٽيم کي شڪست ڏني آهي، پورچوگال جون رانديگرياڻيون ڪوشش باوجود ڪوبھ گول نھ ڪري سگهيون.

فٽبالر عورت ڪاميابي تي خوشي ۾ مسڪرائي رهي آهي

ٻئي پاسي فرانس ۽ جمائڪا جي ٽيمن ۾ ميچ بنا نتيجي ختم ٿي وئي آهي، جنهن ۾ سخت مقابلو ڏسڻ لاءِ مليو آهي، جڏهن تھ ڪوشش ۽ لاڳيتن حملن باوجود ڪابھ ٽيم گول نھ ڪري سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button